速報APP / 教育 / Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌ

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌ

價格:免費

更新日期:2018-01-06

檔案大小:3.2M

目前版本:v1.0

版本需求:Android 2.3.3 以上版本

官方網站:http://www.almujtaba14.com

Email:Alhussaini4alll@gmail.com

聯絡地址:Hyderabad, Sindh, Pakistan

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي ‎(圖1)-速報App

رسالة الحقوق:

رسالة الحقوق، حقيقت ۾ امام زين العابدين عليه السلام جي هڪ ڊگهي حديث آهي، جنهن ۾ امام عليه السلام هڪڙي مومن مٿان پنهنجي پالڻهار، نفس، عضون، مٽن مائثن ۽ ٻين ماڻهن جا حق بيان ڪيا آهن. جن جو تعداد مجموعي طور تي پنجاھ آهي. هي رسالو، فردي ۽ اجتماعي زندگي ۾ مومن لاءِ اخلاقي دستور جي حيثيت رکي ٿو..

ان رسالي جا مختلف ٻولين ۾ ڪيترا ئي ترجما ڪيا ويا آهن. مٿس ڪيتريون ئي شرحون پڻ لکيون ويون آهن. سنڌ واسين لاءِ اسان جي هي هڪ ننڍڙي ڪاوش آهي. اميد ته سڄڻن کي اسان جو هي پورهيو پسند ايندو.

حق جي معنى

«حقوق، حق جو جمع آهي. حقوق مان هتي مراد، اهي حق آهن جيڪي پاڪ پالڻهار هڪڙي مومن جي ڪنڌ تي ٻين جا حق رکيا آهن. ان بنياد تي حق جو لفظ، واجب ذميوارين سان گڏ مستحب ڪمن ۽ اجتماعي ذميوارين کي به شامل ٿئي ٿو.

رسالة الحقوق، روايات جي روشني ۾

حديث جي جن قديم ڪتابن ۾ ”رسا لة الحقوق“ مڪمل طور تي نقل ٿيو آهي؛ انهن مان ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا:

”تحف العقول“ تاليف: حسن بن علي بن حسين بن شعبه حراني، متوفى 381 هجري. هن ڪتاب ۾ 50 حق ذڪر ڪيا ويا آهن، پر رسالي جي َسَندُ ذڪر نه ڪئي وئي آهي.

خصال تالیف شیخ صدوق، (متوفی ۳۸۲ هجرى].

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي ‎(圖2)-速報App

من لا یحضره الفقیه، تالیف شیخ صدوق.

انهن ڪتابن ۾ شيخ صدوق مٿي ذڪر ڪيل پنجاھ حقن سان گڏ، ”حج جي حق“ جي نالي سان هڪ ٻيو حق به ذڪر ڪيو آهي، ان بنياد تي مجموعي طور 51 حق ٿين ٿا..

ٿلهي ليکي رسالة الحقوق جي سند بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته::

من لا يحضره الفقيه ۾ روايت جي سند ذڪر نه ڪئي وئي آهي، مطلب ته روايت ”مرسل“ آهي. جڏهن ته ”من لا يحضره الفقيه“ ۽ ”تحف العقول“ جي نقل ٿيل متن ۾ معمولي فرق ۽ اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو..

خصال واري روايت ۾ اسماعيل بن فضل نالي ڪنهن راوي جو ذڪر نه آهي.

ٻي پاسي وري من لا يحضره الفقيه، ۾ چٽي نموني اهو بيان نه ڪيو ويو آهي ته اهي حق، امام زين العابدين عليه السلام جي رسالة الحقوق ۾ نقل ٿيل آهن. جڏهن ته خصال ۾ واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

هن ايپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون

1- دلڪش مينيو.

ٰ2- موضوعات جي فهرست.

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي ‎(圖3)-速報App

3- ڪتاب جو سولو ۽ روان سنڌي ترجمو (غلام قاسم تسنيمي).

4- ڪتاب جي باري ۾.

5- ڳولا جو آپشن

6- المجتبي فائونڊيشن جو مختصر تعارف.

ته پوءِ بنا دير جي اسلامي معارف جي ان ذخيري کي ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جا اسباب فراهم ڪريو.

التماس دعا

Risalat al Huquq Sindhi

Risalat al Huquq Sindhi

رسالة الحقوق سنڌي

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي ‎(圖4)-速報App

رسالة الحقوق سنڌي

رسالة الحقوق سندھی

رسالھ الحقوق سنڌي

Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي ‎(圖5)-速報App